هڪ هفتي ۾ ٽرين جي ڀاڙن ۾ ٻيو ڀيرو اضافو

هڪ هفتي ۾ ٽرين جي ڀاڙن ۾ ٻيو ڀيرو اضافو

لاهور (بيورو)ٽرين جي ڀاڙن ۾ هڪ هفتي ۾ ٻيو ڀيرو واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪو اڄ کان لاڳو ڪيو ويو آهي.ريلوي کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب ريلوي مختلف رستن تي مسافر ۽ مال بردار ٽرينن جي ڀاڙن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي. مسافر ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو ۽ مال بردار ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سبب ريلوي جي ڀاڙن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو