اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي شرح ۾ رڪارڊ واڌ ٿي وئي آهي. وفاقي ڳڻپ کاتي هفتيوار انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن موجب مهانگائيِءَ جي شرح 32.01 جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي، هڪ هفتي دوران مهانگائيءَ جي شرح ۾ 3.63 سيڪڙو جي رڪارڊ واڌ ٿي.انگن اکرن موجب گذريل هفتي 28 شيون مهانگيون، 6 سستيون ۽ 17 شين جي اگهن ۾ استحڪام رهيو. ڳڻپ کاتي جو چوڻ آهي ته بجلي 27.89 سيڪڙو ۽ ايل پي جي 1.15 سيڪڙو مهانگي ٿي. ٽماٽو 31.53 سيڪڙو، بصر 7.89 سيڪڙو، چانهه جي پتي 4.60 سيڪڙو، بيضا 2.56 سيڪڙو، ماش جي دال 2.30 سيڪڙو، چڻن جي دال 2.17 سيڪڙو، مڱن جي دال 1.83 سيڪڙو، کير 1.81 سيڪڙو، پٽاٽا 1.67 سيڪڙو ۽ بريڊ 1.59 سيڪڙو مهانگي ٿي.










