لاهور ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته قانون جي حڪمراني کانسواءِ جهموريت تصور ئي ڏکيو آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان لکيو ته هڪ مضبوط، آزاد ۽ معتبر عدالتي نظام قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائي ٿو ۽ دستور جي حفاظت ڪري ٿو.هن چيو ته قوم چونڊن جي حوالي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪري ٿي ۽ آئين جي بالادستي، انصاف جي نظام سان سلهاڙيل اميدون زنده ڪرڻ لاءِ عدليا پٺيان بيٺي آهي.










