ڪوهاٽ: (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو جيل مان نڪرڻ لاءِ ۽ ڪجهه ماڻهو جيل کان بچڻ لاءِ اليڪشن وڙهي رهيا آهن.بلاول ڀٽو زرداري ڪوهاٽ ۾ ورڪرز ڪنونشن کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته پيغام ڏنو ويو ته قوم کي ٻڌائڻو پوندو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل ۾ ڪير ملوث هو، ڀٽو جي عدالتي قتل جا سهولتڪار ڪير هئا، جنرل ضياءَ کان وٺي ججن، وڪيلن ۽ سياستدانن تائين سڀ آهن. جيڪي سهولتڪار هئا اهي هن ملڪ جا مجرم آهن، اميد آهي ته قانون ۽ تاريخ سان انصاف ٿيندو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اليڪشن ۾ ڪو به رانديگر ۽ ٻيو ڪير به اسان جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، هڪ جيل مان نڪرڻ لاءِ اليڪشن وڙهي رهيو آهي ۽ ٻيو جيل مان ڀڄڻ لاءِ اليڪشن وڙهي رهيو آهي پر مان عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اليڪشن وڙهان پيو.بلاول چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ ورڪرز ڪنونشن نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته ڪي پي ۾ سيڪيورٽي صورتحال خراب آهي ۽ دهشتگرد آزاد گهمي رهيا آهن،هن چيو ته اسان جواب ڏنو ته پ پ جا جيالا نه ڊڄڻ وارا آهن ۽ نه جهڪڻ وارا آهن، اسان پراڻي سياست کي هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي، وقت اچي ويو آهي ته ملڪ جون واڳون نوجوان قيادت سنڀالي، چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪامياب ٿينداسين.










