لنڊن(ويب ڊيسڪ)تازو ئي ڪيل هڪ نئين تحقيق سامهون آئي آهي ته مردن جي مقابلي ۾ عورتون وڌيڪ سٺي ڊرائيونگ ڪن ٿيون،جنهن سبب حادثا گهٽ ٿين ٿا.تحقيق ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته عورتن ۾ جلد رد عمل جي خاصيت هوندي آهي جنهن جي ڪري مردن جي مقابلي ۾ بنا ڊارئيور جي گاڏي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ به عورتون اڳڀريون هونديون آهن.برطانوي اخبار دي ٽائمز جي رپورٽ موجب اها تحقيق 43 مردن ۽ 33 عورت ڊارئيورن تي ٻڌل هئي. جنهن ۾ کين ڊرائيونگ سميليٽر استعمال ڪرڻو هو. تحقيق جي دوران عورتن مردن جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزي سان گاڏي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون.سائنسدانن جو چوڻ آهي ته عورتن بنا ڊرائيور جي گاڏي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ تقريبن 2.45 سيڪنڊن جو وقت ورتو جڏهن ته مردن کي انهي عمل ۾ تقريبن 2.63 سيڪنڊ لڳا.










