هريپور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏڻ چاهيون ٿا.وزيراعظم عمران خان هري پور جي دوري جي موقعي تي ٻوٽو لڳايو ۽ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ملڪ ۾ بلين ٽري منصوبي جي تحت هڪ ارب ٻوٽا لڳائڻ جو حدف مڪمل ٿي ويو آهي. هن چيو ته ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏڻ چاهيون ٿا. هن وقت پاڪستان کي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پر ڪڏهن به ڪنهن ڊگهي وقت واري پلاننگ ناهي ڪئي.وزيراعظم چيو ته 5 جون تي ماحوليات جو ڏينهن ملهايو ويندو. پاڪستان موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي پر پاڪستان ۾ ٻيلن جي واڍي ٿي رهي آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته بلين ٽري سونامي منصوبي جي شروعات خيبرپختونخواهه کان ڪئي ۽ وڻ لڳائڻ سان موسمياتي تبديلي جا اثر گهٽ ٿيندا.تقريب دوران وزيراعظم عمران خان جي موسمياتي تبديلي بابت صلاحڪار ملڪ امين اسلم پروگرام جي ڪاميابين تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. ياد رهي ته هلندڙ سال فيبروري ۾ وزيراعظم عمران خان آگسٽ تائين هڪ ارب ٻوٽا لڳائڻ جو حدف مقرر ڪندي چئني صوبن ۾ وڻڪاري مهم دوران پاڻ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو