هڪ اداري جي سياست ۾ مداخلت سان ملڪ کي نقصان ٿي پيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته هڪ اداري کي سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، ان سان ملڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا رياست جو لباس نٿا پائي سگهن.اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي عمر ايوب چيو ته 16 ڊسمبر 1971 ۾ پاڪستان جا ٻه حصا ٿيا ۽ اهو فيصلو جنرل يحيٰ خان جو هو، اڄ به پاڪستان ۾ هڪ ئي فرد فيصلا ڪري رهيو آهي، ان جا به نقصان ٿيندا، فارم 47 واري حڪومت پاڪستان جي موجوده صورتحال جي ذميوار آهي.هن چيو ته بشريٰ بي بي جو سياست سان ڪو واسطو ناهي، ان کي به سزا ڏني وئي، بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ باني جي ڪمزوري ناهي.سندس چوڻ هو ته رئوف حسن تي حملي جي ذميواري آءِ جي اسلام آباد، ايس ايس پي آپريشنز ۽ محسن نقوي تي لاڳو ٿئي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو