هڪ ئي گهر مان 3 جنازا، هر اک آلي ٿي وئي

هڪ ئي گهر مان 3 جنازا، هر اک آلي ٿي وئي

ٽنڊوباگو(رپورٽ رفاقت جروار) روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل هڪ ئي گهر جي ٽن ڀاتين جا لاش کڄڻ تي سوين اکيون آليون ٿي ويون. سومر رات حيدرآباد روڊ تي سيري ڀرسان وين کي ٽرڪ جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل ٽنڊوباگو جي شيدي ذات جي ٽن ماڻهن سليم شيدي، عمران شيدي ۽ مسمات سرهي شيدي جي هڪ ئي گهر مان ٽن جنازن کڄڻ تي سوين اکيون اشڪبار ٿي ويون. ٽنهي فوتين جي گڏيل جنازي نماز بچل شاه پڙ ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ سيشن جج نواب شاھ اقبال احمد خواجہ، سڪندر علي خواجه وڪيل، فدا حسين خواجہ وڪيل، مرزا گروپ جي اڳواڻن دلبر سنڌي، سڪندر ميمڻ، حاجي رمضان ڪاتيار، پ پ اڳواڻ الطاف حسین قمبراڻي، حاڪم علي جمالي، رسول بخش جمالي، شيدي جماعت جي اڳواڻ اسحاق شيدي سميت شيدي برادري جي ماڻهن ۽ سوين شھرين جي شرڪت ڪئي. حادثي ۾ فوت ٿي ويل سليم شيدي ۽ سندس ڀائٽي عمران شيدي کي ٽنڊوباگو جي مصري شاه قبرستان ۾ دفنايو ويو، جڏهن ته جنازي نماز بعد فوتي عورت سرهي زال رفيق شيدي جي مڙه کي سندس اباڻي ڳوٺ ڪوٽ غلام محمد روانو ڪيو ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو