هڪ ئي ڏينهن ۾ 9 ڄڻن کي ڪتن ڏاڙهي وڌو، ماڻهن ۾ خوف

هڪ ئي ڏينهن ۾ 9 ڄڻن کي ڪتن ڏاڙهي وڌو، ماڻهن ۾ خوف

مٺي (لياقت نھڙيو) ڇاڇرو تعلقي ۾ ڇتن ڪتن جو آزار ڏينھون ڏينھن وڌي ويو ماڻھو گھرن تائين محدود ٿي ويا. ھڪ ئي ڏينھن ۾ ڇتن ڪتن ڳوٺ واوڙي دورا ۾ 25 سالن جي  عورت آمي زال محمد رحيم ۽ 20 سالن جي حسين پٽ يامين نھڙي سميت  صديق پٽ ڀائيخان قربان ولد محبت خان چنيسر ولد شريف بختاور ڌي عثمان رمضان ولد شريف ابوبڪر ولد امين غلام قادر ولد دائود سميت  ٽوٽل نئون ڄڻن کي ڏاڙھي وڌو ڏاڙھيل مريضن کي ڇاڇرو اسپتال آندو ويو جتي ويڪسين پڻ ڪئي وئي.

Photo Sindhyar

علائقي ۾ ڪتن جو آزار وڌڻ ڪري ماڻھن ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي مختلف ڳوٺن جي رھواسين صحافين سان ڳالھيندي چيو ته انتظاميا ڪتا مار مھم شروع نه ڪري سگھي آھي ڇتا ڪتا ٻھراڙي ۾ وڌي رھيا آھن جنھن جي ڪري خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي انھن اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته ڪتا مار مھم جي شروعات ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو