سکر (جئيرام داس) سيد خورشيد شاهه جي سومر تي احتساب عدالت ۾ حاضري وقت ڊي ايس پي ۽ ڪيمرا مين پاران هڪٻئي کي ڪٽڪو ڏيڻ بعد ڏرين ۾ ٺاهه ٿي ويو آحي. اڱاري تي پي ايف يو جي، جي مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺھاڻ جي سربراهي ۾ پريس ڪلب جو وفد ايس ايس پي سکر عرفان سمون سان تفصيلي ملاقات ڪري معاملي کي رفع دفع ڪرايو. ڊي ايس پي شڪور سومرو ۽ ڪيمرا مين بخش علي ڦلپوٽو پاڻ ۾ ڀاڪر پاتا ۽ هڪ ٻئي کي مٺائي کارائي. ايس ايس پي سکر ان موقعي تي چيو ته پوليس ۽ ميڊيا جي پاڻ ۾ سٺو تعلق آھي ان کي برقرار رکڻ گهرجي، احتساب عدالت جي ٻاهران غلط فهمي جي بنياد تي واقعو پيش آيو، ٻئي ڌريون مستقبل ۾ احتياط ڪن.










