هٿيارن جي زور تي ٽريڪٽر ڦر، مزاحمت تي ڊرائيور اغوا

هٿيارن جي زور تي ٽريڪٽر ڦر، مزاحمت تي ڊرائيور اغوا

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) دراني مهر ٿاڻي جي حد ڳوٺ گاهي ڀيو ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن  هٿيارن جي زور تي ٽريڪٽر ڦر، مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربند ٽريڪٽر ڊرائيور غلام سرور ڀيو کي به اغوا ڪري فائرنگ ڪندا ڪچي طرف فرار ٿي ويا. مليل معلومات موجب ڊرائيور غلام سرور ڀيو ڪچي مان ڪاٺيون ڀري ٽريڪٽر سان پنھنجي ڳوٺ وڃي رھيو ھيو ته  چئن اڻ ڄاتل ھٿيار بندن کيس ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي سندس ساٿين کان ھزارين روپيه روڪ رقم ۽ موبائيل فونون ڦر ڪيون مزاحمت ڪرڻ تي ھٿياربندن ٽريڪٽر جي ڊرائيور سرور ڀيو کي ٽريڪٽر ٽرالي سميت اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا آھن۔ ذريعن موجب جاگيراڻي برادري جي ھٿياربندن طرفان ڪارروائي ڪئي ويئي آھي۔ پوليس واقعي جي اطلاع بعد واقعي واري ھنڌ پهتي پر هن مهل تائين نه ٽريڪٽر ڊرائيور بازياب ٿي سگهيو آهي نه ئي وري ٽريڪتڙ. ٻئي پاسي ڀيا برادري طرفان راڄوڻيون ڪوششون به جاري آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو