مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)ڳوٺ درگاه شاهه اويس قرني ۾ هٿياربندن مخالفن جي گهر تي چڙھائي ڪري 23 ورهين جي شادي شده عورت تهمينه زال آصف رونجهو کي مبينا کنڀي وڃي رهيا هئا ته عورت جي دانهن تي سندس امڙ سميت گهر ڀاتين سخت مزاحمت ڪري کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدارن هٿيارن جا بٽ لوهي سرهيا هڻي سندس امڙ الهبچائي ڀاءُ امين رونجهو الهڏنو رونجهو امير زادي گلزادي روبينا کي وحشاڻو تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪري تهمينه کي ڪار ۾ کڻي فرار ٿي ويا زخمين کي مانجهند ٿاڻي ٿي آڻي ميڊيڪل ليٽر وٺي تعلقه اسپتال مانجهند منتقل ڪيو ويو مانجهند پوليس جوابدارن جي گرفتاري لا آمري اڪرو سميت مختلف هنڌن تي ناڪابندي ڪرائي پر جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏھن ته هڪ جوابدار کي ڳوٺ ويندي گرفتار ڪيو ويو هوڏانهن اطلاع تي ايس ايس پي ڄامشورو واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن تي ڀاءُ امين رونجهو جي فرياد تي جوابدارن ذوالفقار کوسو جوڳياڻي گلشير کوسو صادق کوسو محمد علي کوسو 4 اڻڄاتل سميت 8 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو ٻئي طرف اغو ٿيندڙ عورت جي وارث سخت احتجاج ڪندي ٻڌايو ته 2 مهينا اڳ ذوالفقار کوسو ڪورٽ ۾ پٽيشن ڪندي تهمينه کي زال هئڻ جي دعوي ڪئي پر تهمينه انڪار ڪيو جنهن تي عدالت پٽيشن خارج پڻ ڪئي جنهن کان پوءِ جوابدار کين مسلسل مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا هئا هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري تهمينه کي بازياب ڪرايو وڃي.










