لکي غلام شاھ (نثارمنگي) نامعلوم هٿياربند محمد باغ جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ عامل وٽان ڊاٽسن ڊرائيور بلاول سومرو کي اغوا ڪري ويا آهن. مغوي نوجوان بلاول سومرو ڪيلا کڻڻ جي لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي تان کيس هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن. نوجوان جي اغوا جي خبر پوڻ تي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سخت ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي جڏهن ته مغوي نوجوان جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي. هوڏانهن مغوي نوجوان جي وارثن ۽ علائقي واسين ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي شڪارپور ڊاڪٽر محمد رضوان احمد کان مطالبو ڪيو آهي ته مغوي نوجوان کي فورن بازياب ڪرايو وڃي.










