هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايس يو پي جو ضلعي اڳواڻ قتل

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايس يو پي جو ضلعي اڳواڻ قتل

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) ڪوٽڙي سائيٽ پهاڙي واري علائقي ۾ ھٿياربندن سڌي فائرنگ ڪري ايس يو پي ضلع اڳواڻ 40 ورهين جي ممتاز علي ڳورڙ کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا جنهن کي وارث فوري طور تعلقه اسپتال ڪوٽڙي کڻائي ويا جتي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. مقتول ايس يو پي ضلع ڄامشورو جو جنرل سيڪريٽري ۽ سرگرم سياسي سماجي ڪارڪن هو جنهن جي فوت گي جي اطلاع تي ايس يو پي سربراه سيد جلال محمود شاه، مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو، وڪيل مير احمد مڱريو سميت وڏي انگ ۾ ايس يو پي ڪارڪن، سياسي سماجي ڌريون تعلقه اسپتال ڪوٽڙي پهتيون جتي پوسٽ مارٽم

بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جنهن جي گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويوسوڳ ۾ علائقي جا دڪان بند ٿي ويا. هوڏانهن واقعي جو سبب سڱاوتي تڪرار ٻڌايو پيو وڃي مقتول جي ڀاءَ ڪجهه وقت اڳ ميهڙ ويجهو ڳوٺ ۾ پنهنجي ئي برادري مان گهران نڪري پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن تان کين ڪجهه وقت کان مارڻ جون ڌمڪيون به مليون هيون جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي. ايس يو پي مانجهند، سن، خاڻوٺ، لاکا، منظورآباد، انڙپور، لڪي شاه صدر، آمري جي ڪارڪنن گهري ڏک جو اظھار ڪندي واقعي جي سخت لفظن ۾مذمت ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو