هٿرادو لوڊشيڊنگ  وڌندڙ مھنگائي،پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

هٿرادو لوڊشيڊنگ وڌندڙ مھنگائي،پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

ٽنڊو محمد خان)ن سنڌيار)هٿرادو لوڊشيڊنگ وڌندڙ مھنگائي ؛ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ۽ اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ خلاف جسقم ٽنڊو محمد خان پاران مير غلام علي پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڊي وئي ريلي کي جسقم ضلعي صدر ظھور ھاليپوٽو ؛ جاويد ھاليپوٽو ؛ فرحان ٻرڙو جسم اڳواڻ زاهد جسڪاڻي اصغر نوناري ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ کي سڪائي تباھ ڪرڻ ۽ سنڌ جي پاڻي تي پنجاب زوري قبضوڪري سنڌين کي بک ۽ بدحالي طرف ڌڪڻ جو پڪو پھ ڪيو آھي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته 20 ڪلاڪن جي لوڊ شيڊنگ عام ماڻھن کي بي حال ڪري ڇڏيو آھي ننڊا ڪاروبار بجلي نه ھئڻ سبب تباھ آھن ايتري وڌيڪ مھنگائي سبب غريب لاء ٻه ويلا ماني کائڻ به ھاڻي مشڪل ٿي ويو آھي نوجوان طبقو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آھي وفاقي حڪومت کي فوري نوٽس وٺي عام طبقي کي سبسڊي ڏئي وڌيڪ بک مرڻ کان بچايو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو