ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هي وقت وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪرڻ جو ناهي پر گڏجي ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏجي حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هي وقت هڪٻئي تي تنقيد ڪرڻ جو ناهي بلڪ گڏجي ڪورونا کي منهن ڏيڻو آهي. هن چيو ته اهو غلط آهي ته ڪورونا وڏي عمر وارن تي حملو ڪري ٿو، خيبر پختونخواهه ۾ ٻه ڄنا فوت ٿيا انهن جي عمر وڏي نه هئي. هن چيو ته ايران مان آيل 302 ماڻهن مان 151 ماڻهن ۾ وائرس موجود آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت صوبن سان رابطو مضبوط ڪري ۽ پنهنجي ذميواري نڀائي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڊيلي ويجز ملازمن کي موڪل نه ڏئي انهن کي پگهارون ڏيو، سنڌ حڪومت نجي ڪمپنين کي به پابند ڪري ۽ مخير ماڻهو اڳتي اچن متاثرن جي مدد ڪن. هن چيو ته مان غريبن کي خاطري ٿو ڪرايان ته اوهان کي اڪيلو نه ڇڏيندس، ياد رهي ته پاڪستان ۾ وائرس جو شڪار ماڻهن جو انگ 381 ٿي ويو آهي. ايران ۾ هر 10 منٽن بعد هڪ ماڻهو فوت ٿي رهيو آهي.










