ڪراچي(ويب ڊيسڪ)عالمي شهرت يافته پاڪستاني امپائر ۽ پاڪستان جوڪوچ عليم ڊار قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن جي اختيارن ۽ عاقب جاويد جي خاموشي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي مان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي۔
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سپر فور مرحلي دوران انتهائي خراب ڪارڪردگي کان پوءِ قومي ٽيم جي مقابلي مان ٻاهر ٿيڻ تي قومي چونڊ ڪميٽي جي رڪن عليم ڊار استعيفا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو۔
ذريعن موجب چونڊ ڪميٽي ۾ مصباح الحق پڻ خاموش آهن، جڏهن ته عاقب جاويد به ڪوچ مائيڪ هيسن جي هر ڳالهه ۾ ها ۾ ها ملائين ٿا۔
جيو نيوز انتهائي ويجهن ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته عليم ڊار جي شڪوه آهي ته سليڪٽرز ته پاڪستان جي بهترين ويهه رانديگرن جو اعلان ڪن ٿا، پوءِ ڪپتان ۽ ڪوچ غلط پندرهن جو انتخاب ڪن ٿا ۽ پوءِ پليئنگ اليون جي به ڪوچ ۽ ڪپتان غلط چونڊ ڪن ٿا ۽ تنقيد سليڪٽرز تي ٿئي ٿي.
ٽي ٽوئنٽي عالمي مقابلي ۾ عليم ڊار اڳوڻي ڪپتانبابراعظم ۽ آل رائونڊر شاداب خان جي بنا ڪارڪردگي اسڪواڊ ۾ شموليت تي تحفظات ظاهر ڪيا هئا، پر ڪپتانسلمان آغا، جن جي بطور ڪپتان عليم ڊار جي نظر ۾ اسڪواڊ ۾ جاءِ ئي نٿي ٺهي، انهن ۽ خاص طور تي عاقب جاويد ڪا به مزاحمت ظاهر نه ڪئي ۽ ڪوچ مائيڪ هيسن چونڊ معاملن ۾ کلي عام صرف پنهنجي مرضي هلائي۔
عيلم ڊار وڪيٽ ڪيپر عثمان خان جي جاءِ تي تجربيڪار وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان کي ڇهين نمبر تي کيڏائڻ جي تجويز ڏني هئي۔ سندن موقف هو ته جيڪڏهن شاداب ۽ بابر بنا ڪنهن ڪارڪردگي جي ٽيم جو حصو بڻجي سگهن ٿا ته محمد رضوان کي به هڪ وڌيڪ موقعو ملڻ گهرجي۔
عليم ڊار جو چوڻ آهي ته الله تعاليٰ ڪرڪيٽ وسيلي کين گهڻي عزت ڏني آهي، هو ڪٺ پتلي بڻجي ڪم ڪرڻ نٿا چاهين، ان ڪري بهتر آهي ته هو استعيفا ڏئي ڇڏين۔










