هيڊ ماسترن کي ريگولر نٿا ڪري سگهون، سعيد غني

هيڊ ماسترن کي ريگولر نٿا ڪري سگهون، سعيد غني

ڪراچي  (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته آءِ بي اي هيڊ ماسترن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب ريگولر نٿا ڪري سگهون. سندن جي ڀرتي 2017ع ۾ ٿي، 2017ع ۾ ئي هاءِ ڪورٽ ۾ ان بابت ڪيس ٿيو ۽ 2018 ع ۾ هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو ته هيڊ ماسترن جي اسڪروٽني ڪئي وڃي، اهو به لکيو ته 17 هين گريڊ جون پوسٽون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اختيار جون آهن، عدالتي فيصلي سبب هيڊ ماسترن کي ريگيولر نٿو ڪري سگهجي، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ جو فيصلو آيو ته هيڊ ماسترن کي نوڪرين مان نه ڪڍو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي درخواست ڪئي وئي آهي ته ان معاملي تي ڪو هڪ فيصلو ڪيو وڃي، جڏهن ته اپوزيشن اڳواڻ  حليم عادل شيخ چيو آهي ته ھيڊ ماسترن سان ظلم ٿي رهيو آهي، پوليس ذريعي انهن تي تشدد ڪيو ويو، اهو عمل غلط آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اگر درست ڪم ڪندي هجي ها ته هي هيڊ ماستر اتي وڃن ها، ان موقعي تي مڪيش ڪمار چاولا چيو ته هيڊ ماسترن کي معاملي کان آگاهه ڪيو آهي پوءِ به احتجاج ختم نٿا ڪن، اهو تاثر غلط آهي ته سنڌ حڪومت انهن سان ڳالهيون نه ڪيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو