نوشھرو فيروز (منظور ملڪ)ھيپاٽائٽس جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سول اسپتال نوشھرو فيروز کان پريس ڪلب تائين ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر نوشھرو فيروز ڊاڪٽر مظھر علي ڪلھوڙو سول سرجن ڊاڪٽر عبد الله تنيو فوڪل پرسن ڊاڪٽر خادم حسين مڱريو ھيپاٽائٽس انچارج ڊاڪٽر نور حسين مورو پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئشن جي ضلعي صدر حاجي اشرف قريشي جي اڳواڻي ۾ واڪ ڪئي ويئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ھيپاٽائٽس ھڪ موزي مرض آھي جيڪو پاڻي صاف نه ھجڻ ساڳي سرنج استعمال ڪرڻ حجم جو بليڊ پاڪي ٽوال ۽ ڪنگو استعمال ڪرڻ آپريشن ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار صاف نه ھجڻ سبب ڦھلجي ٿي جنھن لاء عوام کي پاڻ احتياط ڪرڻو پوندو جڏھن ته صحت کاتي پاران ھر سال اڄوڪي ڏينھن تي اھو ڏينھن عوام کي بيدار ڪرڻ لاء ملھايو ويندو آھي ھن وقت صحت کاتي جي ھر سينٽر وٽ ھيپاٽائٽس بي ۽ سي جي ويڪسين ۽ دوائون وڏي مقدار ۾ موجود آھن جڏھن ته عوام ۾ پڻ ڪافي سجاڳي آھي جيڪي ڊاڪٽرن جي ڏسيل اصولن تي عمل پيرا ٿي احتياطي تدبير اپنائي رھيا آھن جنھن ڪري اڳ جي ڀيٽ ۾ مريض گهٽ ٿيندا پيا وڃن ھن مھل تائين صرف تعلقي نوشھروفيروز ۾ تقريبن 9 ھزار مريض صحتياب ٿي چڪا آھن .










