هيٽر مان گيس ڀرجڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت

هيٽر مان گيس ڀرجڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) گهر ۾ هيٽر مان گيس ڀرجڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 5 ماڻهو فوت ٿي ويا. پوليس مطابق ڪوئيٽا جي علائقي سرياب ۾ هڪ جڳهه کان مڙس، زال ۽ 3 ٻارڙن جا لاش مليا آهن. پوليس جو چوڻ هو ته گهرڀاتي رات جو گيس هيٽر ٻاري سمهي رهيا ۽ ان دوران گهر ۾ گيس ڀرجڻ سان گهرجا ڀاتي ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا. واضح رهي ته ڪوئيٽا ۾ شديد برفباري ۽ برساتن سبب هن وقت تمام گهڻي سردي آهي جتي درجه حرارت منفي 6 ڊگري تائين پهچي ويو آهي. سيءَ کان بچڻ لاءِ گيس هيٽر جو استعمال ڪيو ويندو آهي پر هيٽر کي ڪمري ۾ رکي ٻارڻ ڇڏي ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهو انتهائي خطرناڪ آهي ڇاڪاڻ ته ڪمري اندر گيس ڀرجڻ سان ساهه ٻوساٽجڻ جو انديشو هوندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو