هيلٿ ڪيئرڪميشن جو ڇاپو 8 عطائي ڪلنڪ ۽ 2 ليبارٽريون سيل

ٺڪراٺو(رپورٽ حضرت گل) سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر صائمه جي سربراهي ۾ جوڙيل ٽيم عطائي ڊاڪٽرن خلاف ٺڪراٺي ۾ ڇاپا هڻي 8 عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلنڪ سيل ڪري ڇڏيون. جن ۾ انيل ڪمار، سعيد پتافي، طالب آرائين، ڀاڳچند،  ضمير ملڪ، حاڪم علي مهر، ميوو سوڍڙو ۽ عامر حسين منگي  جون ڪلينڪ شامل آهن. جڏهن ته عبد السميع عباسي ۽ محمد علي خالدي جون 2 ليبارٽريون پڻ سيل ڪيون ويون آهن. سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم  ميڊيا کي ٻڌايو ته عطائين جي علاج سبب ماڻھن ۾ ايڊز سميت خطرناڪ مرض پکڙجن ٿا. هنن وڌيڪ چيو ته ڪلنڪ کوليندڙ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ايف آء آر داخل ڪرائي ويندي. ٽيم ۾ ڊاڪٽر رضا ڪاظمي ، ڊاڪٽر غلام شبيردايو، ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ ڊاڪٽر اشفاق ڪورائي پڻ شامل هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو