اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اينٽي نارڪوٽڪس فورس مختلف ڪارروائين دوران عورت سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري منشيات هٿ ڪري ورتي. اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ٻن ڌار ڌار ڪاررواين دوران سرگوڌا جي رهواسي جوابدار جي پيٽ مان هيروئن جا 80 ۽ سوات جي رهواسي عورت جي پيٽ مان 50 ڪيپسول هٿ ڪيا ويا.جوابدار فلائيٽ نمبر ايس وي 727 ذريعي سعودي عرب وڃي رهيا هئا.اينٽي نارڪوٽڪس فورس مختلف ڪارروائين دوران عورت سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري منشيات هٿ ڪري ورتي.اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ٻن ڌار ڌار ڪاررواين دوران سرگوڌا جي رهواسي جوابدار جي پيٽ مان هيروئن جا 80 ۽ سوات جي رهواسي عورت جي پيٽ مان 50 ڪيپسول هٿ ڪيا ويا.جوابدار فلائيٽ نمبر ايس وي 727 ذريعي سعودي عرب وڃي رهيا هئا.ٻي ڪارروائي ۾ چکوال جي رهواسي جوابدار جي ٽرالي بيگ مان 1 ڪلو 156 گرام هيروئن هٿ ڪئي وئي.جوابدار جهاز نمبر پي ڪي 187 ذريعي بحرين وڃي رهيو هو.پشاور جي باچا خان انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اسلام آباد جي رهواسي جوابدار جي پيٽ مان هيروئن سان ڀريل 139 ڪيپسول هٿ ڪيا ويا.ملزم فلائيٽ نمبر جي ايف 785 ذريعي بحرين وڃي رهيو هو.پشاور جي رنگ روڊ وٽ افغان باشندي وٽان 37 ڪلو 200 گرام چرس هٿ ڪئي وئي،هٿ آيل چرس فريزر ۾ لڪائي پنجاب اسمگل ڪئي پئي وڃي.سمورن جوابدارن خلاف اينٽي نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي.










