خيرپور ناٿن شاهه (برڪت چانڊيو )تاج ھوٽل تي ٽن نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ، گوليون لڳڻ سبب ڊگري ڪاليج جو ڪلارڪ مختيار احمد کونھارو ۽ سندس ڀاءُ فوت ٿي ويا. مختيار ٿڏي تي جڏھن ته نظير احمد کونھارو زخمي حالت ۾ لاڙڪاڻو ويندي فوت ٿيو. وارٽ زخمي ۽ لاش تعلقه اسپتال خيرپور ناٿن شاه کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن طرفان مختيار کونهارو جي موت جي تصديق ڪئي وئي جڏھن ته حاجي نظير احمد کونهارو کي نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو جتي زخمين جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.جڏھن ته تعلقه اسپتال ۾ ڊاڪٽرن طرفان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد ٻنهي ڀائرن جا لاش وارثن حوالي ڪيا. لاش گهر پهچڻ بعد گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو شروع ٿي ويو. مقتولن جي جنازه جي نماز سيد جڙيل شاه جيلاني جي ميدان ۾ ادا ڪئي وئي. جنازه نماز ۾ سياسي,سماجي, وڪيلن,صحافين ۽ شھر جي معزز شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آخري اطلاعن موجب واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي. قتل جو سبب پڙاڻي دشمني ٻڌائي پئي وڃي.










