اغوا ٿيل پريا ڪماري ۽ آديش ڪمار جي بازيابي لاءِ احتجاج

اغوا ٿيل پريا ڪماري ۽ آديش ڪمار جي بازيابي لاءِ احتجاج

شهدادڪوٽ( ن سنڌيار) شهدادڪوٽ ۾ هندو پنچائت جي سڏ تي اغوا ٿيل پريا ڪماري ۽ آديش ڪمار جي بازيابي لاء احتجاج ريلي ڪڍي، مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو، شهدادڪوٽ ۾ هندو پنچائت جي سڏ تي ڪجھ ڏينهن اڳ سکر مان اغوا ٿيل پريا ڪماري ۽ راڻيپور مان اغوا ٿيل آديش ڪمار کي بازياب نه ڪرائڻ خلاف هندو پنچائت پاران هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي بابا هردا رام مندر کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي مختلف رستن جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب کان ٿيندي ڪوٽو موٽو چوڪ تي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪري اغوا ٿيلن ٻارن کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، ان موقعي تي مهراج رميش ڪمار، ڊاڪٽر پريم، ڪائونسلر دادا پرڪاش هرياڻي، شهري اتحاد جي صدر ڪامريڊ وهاب پندراڻي، سنيل ڪمار ڇاٻڙيا، اڳوڻي ڪائونسلر انيل ڪمار گرناڻي، ن ليگ اڳواڻ تخت راء ۽ ٻين اڳواڻن احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته سکر مان اغوا ٿيل هنڌو نياڻي پريا ڪماري ۽ راڻيپور مان اغوا ٿيل آديش ڪمار جي اغوا کي ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن جنهن کي پوليس پاران بازياب ناهي ڪرائي سگهي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي، هنن چيو ته هنڌو برادري سان پيش ايندڙ اهڙن واقعن سبب هندو برادري پاڻ کي غير محفوظ سمجهي ٿي، پريا ڪماري ۽ آديش ڪمار جي بازياب نه ٿيڻ ڪري سندن وارثن ۽ هنڌو برادري ۾ سخت بيچيني پکڙيل آهي هنن سنڌ حڪومت، آء جي سنڌ سميت ٻين وس وارن کان اغوا ٿيل پريا ڪماري، ۽ آديش ڪمار کي بازياب ڪرائي ڦهليل بيچيني ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هنن پريا ڪماري ۽ آديش ڪمار کي بازياب نه ڪرائڻ جي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو پڻ چتاء ڏنو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو