هندو ياترين تي وڄ ڪرڻ سبب 6 فوت 9 زخمي

مٺي (ن سنڌيار) مٺي ويجهو گذريل رات دير سان ھندو مذھب جي فقير پاربرهم جي سالياني ميلي تي پيدل ويندڙ قافلي تي ڳوٺ ساتار وٽ وڄ (کنوڻ) ڪري پئي جنهن سبب مٺي واسي 6 ياتري ٿڏي تي فوت ۽ 9 ڄڻا ٻيا زخمي ٿي پيا. فوتين ۾15 ورھين جو وويڪ نارائڻ لوهاڻو، 38 سالن جو سنتوش، مولچند سونارو، گووند سنتوش سونارو، ويلو ولد نٿو ڪولھي عمر 30 سال لالو ولد والھو ڪولھي عمر 25 سال ڀلجي ولد ريوو ڪولھي عمر 28 سال فوت ٿي ويا آھن ۽ 9 ڄڻا بيهوش ٿي ويا. لاش ۽ زخمي سول اسپتال مٺي آندا ويا جتي زخمين جو علاج ھلندڙ آھي ڊي سي ٿرپارڪر واقعي جو ٻڌي بروقت سول اسپتال پھڇي ويو. پيدل قافلو مٺي مان ڇڙي کڻي ويڙيجهپ وڃي رهيو هو. موسميات کاتي موجب برساتن۽ کنوڻ جو سلسلو اڃان ٻھ ڏينھن جاري رھندو

Photo Sindhyar

پهنجو تبصرو موڪليو