ٽيڪسيلا(ويب ڊيسڪ) هندو برادري سان تعلق رکندڙ پهرين ڇوڪري پنجاب جي اتر ۾ واقع آخري ضلعي اٽڪ جي تعلقي حسن ابدال ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر طور چارج سنڀالي ڪم شروع ڪيو آهي. شڪارپور ضلعي جي ننڍي شهر چڪ سان تعلق رکندڙ 27 سالن جي ثنا رام چند گلواڻي ابتدائي تعليم چڪ جي سرڪاري تعليمي ادارن مان حاصل ڪئي ۽ 2016 ۾ ايم بي بي ايس جو امتحان شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي مان پاس ڪيو. هن 2020 ۾ سينٽرل سپريئر سروسز جو امتحان پاس ڪيو ۽ کيس پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جو گروپ مليو. ٽريننگ وغيره مڪمل ڪرڻ بعد بطور اسسٽنٽ ڪمشنر حسن ابدال ۾ پهرين پوسٽنگ آهي. سندس چوڻ آهي هن جو والد ڊسپينسر آهي ۽ هن سي ايس ايس ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر نه ڪئي ۽ ڊاڪٽر بڻجڻ کي ترجيح ڏني پر جڏهن هن اسرار ڪيو ته پوءِ مخالفت نه ڪيائين.










