هندن جي نياڻين کي جبري مسلمان ڪرڻ خلاف احتجاج

مورو(مورائي اياز سولنگي) سنڌ پريگريسو ڪميٽي جي سڏ تي اڄ مورو ۾ رياست ۽ مذھب کي الڳ الڳ ڪرڻ ۽ سنڌي هندن جي نياڻين کي اغوا ڪري زوري مذھب تبديل ڪري شاديون ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا پريس ڪلب پهتي ريلي جي اڳواڻي جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين هاشم کوسو, عوامي ورڪر پارٽي جي امير لغاري, سنڌ يونائيٽيڊ جي ڊوزنل صدر اسلم ڪوريجو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مذھب ۽ رياست کي گڏائڻ سان انتهائي خطرناڪ نتيجا نڪتا آھن سنڌ ۾ هندو نياڻين کي اغوا ڪري زبردستي مذھب تبديل ڪري انهن سان شاديون ڪيون ٿيون وڃن ان عمل کي روڪيو وڃي ننڍي عمر ۾ شادي ڪرائڻ قانوني جرم آھي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا جڏهن ته هن ريلي ۾ سردار ٻرڙو, منظور خاصخيلي, ارشاد شاھ, حاجي احمد ڏاهري, خالد ٻگهيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو