اسلام آباد (بيورو رپورٽ) معيشت جي ماهر ۽ اڳوڻي وزير خزانا ڊاڪٽر حفيظ پاشا خبردار ڪيو آهي ته هلندڙ سال 12 لک ماڻهو بيروزگار ٿيڻ جو خدشو آهي. ڊاڪٽر حفيظ پاشا هڪ نجي ٽي وي کي ٻڌايو ته گذريل سال مقامي پيداوار جي شرح مجموعي طور غلط ٻڌائي وئي ۽ جي ڊي پي جي شرح 3.3 سيڪڙو بجاءِ 1.9 هئي. هن خبردار ڪيو ته هلندڙ سال 12 لک ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ جو خدشو آهي ۽ اندازو اهو آهي ته گذريل سال 10 لک ماڻهن بيروزگار ٿيا آهن 2 سالن ۾ 22 لک ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا. معيشت جي ماهر جو چوڻ هو ته گذريل سال حڪومت اسٽيٽ بينڪ کان 3 هزار ارب رپين جا قرض ورتا ۽ ايڊوانس ۾ سال ختم ٿيڻ کان پهرين 1200 ارب قرض ورتا ويا ان لاءِ جو آءِ ايم ايف جو پروگرام اچڻو هيو ۽ ان جي شرطن ۾ شامل هيو ته توهان اسٽيٽ بينڪ کان هڪ رپيو به نه وٺي سگهندئو. ياد رهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جو جن بي قابو ٿي ويو آهي ۽ هلندڙ سال جي پهرين مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 14.6 فيصد رهي جيڪا پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. شماريات کاتي جي ماهوار رپورٽ مطابق ڊسمبر 2019 ۾ مهانگائي جي شرح 12.6 هئي جيڪا جنوري 2020 ۾ وڌي 14.6 فيصد ٿي وئي جڏهن ته جنوري 2019 ۾ اها شرح 5.6 هئي.










