هلندڙ ريل مان ٽپو ڏيندڙ همراهه فوت

پنوعاقل (سنتوش ڪمار) لاهور کان ڪراچي طرف ويندڙ شاليمار ٽرين جو پنوعاقل ۾ اسٽاپ نه هئڻ ڪري پنوعاقل واسي پيرسن گهنشام هلندڙ ٽرين مان ٽپو ڏيڻ سبب ريل هيٺان اچي فوت ٿي ويو. فوتي پيرسن جي لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ ريلوي پوليس تعلقه اسپتال پنوعاقل کڻائي آئي، جتان کيس قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن ريلوي اسٽيشن تي موجود عيني شاهدين موجب گهنشام کان اڳ هڪ ٻي مسافر هلندڙ ٽرين مان ٽپو کاڌو جنهن کي ڏسندي گهنشام به ٽپو کاڌو ۽ هو ٽرين هيٺان اچي ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو