هر گهٽي ۾ بارش جو پاڻي بيٺو آهي، ڊي سي نوٽيس وٺي، شهري

هر گهٽي ۾ بارش جو پاڻي بيٺو آهي، ڊي سي نوٽيس وٺي، شهري

ڏھرڪي (اسد غفور ڀٽو) هڪ ڪلاڪ جي بارش ٽائون ڪميٽي ڏهرڪي جي انتظاميا جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. قديمي شهر جيڪو هن وقت سياست جي ور چڙهي تباه ٿي ويو آهي. شهر جي هر پاڙي ۽ گهٽي ۾ پاڻي بيٺل آهي، شهرين کي اچ وڃ ۾ تڪليف آهي. سول سوسائٽي جي نمائندن سجاد سومرو، ڀائي جان عدنان ملڪ وھاب آصف منگي ديدار سومرو ممتاز سميجي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جا چونڊيل نمائندا ته غائب آهن پر ٽائون انتظاميا ۽ پبلڪ ھيلٿ وارن جي ناقص ڪارڪردگي سبب ڏھرڪي شهر ۽ ان جا روڊ رستا تباھ برباد ٿي چڪا آهن جتي ھر روز حادثا معمول بڻجي چڪا آهن. ھنن وڌيڪ چيو ته روڊن جي لاءِ ڪيئي دفعا بجيٽ جاري ٿي آهي پر خبر ناهي ته رقم خرچ ڪاٿي ٿي آھي. اسان وزيراعظم وزيراعليٰ سنڌ ڊي سي گھوٽڪي کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو ٿا ڪريون ته هو شهر مان پاڻي ڪڍڻ جو بندوبست ڪرائي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو