مٺي(لياقت نھڙيو) وائلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ اسلامڪوٽ لڳ نجي هوٽل ايس زيڊ ايس تي ڇاپو هڻي غيرقانوني طور رکيل چار هرڻ هٿ ڪري ورتا آھن انهي حوالي سان وائلڊ لائيف آفيس مٺي تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڊپٽي ڪنزرويٽر مير اعجاز ٽالپر چيو ته اسان کي اطلاع مليو ته انهي هوٽل تي هرڻ رکيل آھي جنهن تي گيم آفيسر اشفاق ميمڻ ڇاپو هنيو ۽ چار هرڻ برآمد ڪيا هوٽل وارن وٽ ھرڻ رکڻ جو لائسنس به ناهي. ڇاپي دوران هوٽلن مئنيجر شعيب ملڪ اعتراف ڪيو ته انهن هرڻ پالڻ لاءِ رکيا آھن. جوابدارن کي اڃا گرفتار ناهي ڪيو جلد ڪاروائي ڪئي ويندي هرڻ اسان کڻي آيا آھيون اسان کي اطلاع آھن ته هن هوٽل ۾ هرڻ ڪڙھائي طور استعمال ٿيندا هئا ۽ خواهش موجب گوشت تيار ڪري ڏنو ويندو آھي اسان جي ٽيم هوٽل مالڪ کان هرڻن متعلق پڇيو ته انهن چيو ته ٽي سال اڳ ڊي سي ٿرپارڪر اهي هرڻ اسان کي گفٽ ڪيا هئا.










