هريار جا ٽئي آر او پلانٽ خراب، ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان

هريار جا ٽئي آر او پلانٽ خراب، ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان

چيلھار(ساجد نهڙيو) سوين گھرن تي مشتمل ڳوٺ ھريار جيڪو چيلھار جي يو سي چيئرمن  جو ڳوٺ پڻ آهي، تنهن جا ٽئي آر او پلانٽ خراب ٿي پيا آهن ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن. متاثره ماڻهن جلد پلانٽ ٺيڪ ڪرڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڳوٺاڻن ڪامريڊ نگو, پانچراج سنگھ, ڏيپجي , چندرسنگھ ۽ ٻين چيو ته ھن وقت پاڻي لاء اسين پريشان آھيون، پاڪ اوسس , پبلڪ ھيلٿ, توڙي چونڊيل  نمائندن  آڏو دانھون  ۽ ايلاز ڪري ٿڪجي پيا آھيون پر اسان جي دانهن ٻڌڻ لاء ڪو به تيار نه آهي مجبور ٿي اسين توهان ميڊيا  وارن آڏو احتجاج  ڪري رھيا آھيون. برسات  پوڻ کانپوء  اسين دٻن ۾ بيٺل پاڻي پيئڻ تي مجبور آھيون  جتي جانور به پيئن ٿا. اسين سيشن جج ٿرپارڪر  ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ۽ ٻين اعليٰ ادارن کان مطالبو ٿا ڪريون  ته اسان  جي ڳوٺ جا بند پيل ٽئي  آر او پلانٽ چالو ڪرائي اسان کي پيئڻ جي پاڻي جي سھوليت  ڏني وڃي. ان موقعي تي اتي موجود آر او پلانٽ  جي آپريٽر چيو ته واقعي آر او پلانٽ  خراب ٿيل آهن جنهن جي دانهن مون پاڪ اوسس ۽ پبلڪ ھيلٿ وارن کي ڏني آھي. ان سان گڏ چيلھار  ڀرسان  ڳوٺ فليو جو آر او پلانٽ پڻ خراب پيل آهي ۽ ڳوٺ کيجراڙو ۽ بيڀاڻي ڀيل جا آر او پلانٽ  سال کان مٿي عرصو گذرڻ جي باوجود به اڃا تائين ٺهي نه سگھيا آهن ۽ اتي جا ڳوٺاڻا  پڻ دانھون  ڪري رھيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو