هرمز مان گذرڻ لاءِ پاسدارانِ انقلاب نيوي سان رابطو لازمي آهي: ايران

هرمز مان گذرڻ لاءِ پاسدارانِ انقلاب نيوي سان رابطو لازمي آهي: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پاسدارانِ انقلاب چيو آهي ته ايران سان رابطي کان سواءِ آبنائي هرمز لاءِ ڪنهن به نئين بحري رستي جو اعلان ناقابلِ قبول ۽ انتهائي خطرناڪ آهي. پاسدارانِ انقلاب گارڊز جو چوڻ آهي ته آبنائي هرمز مان محفوظ گذرڻ صرف انهن مخصوص روٽس ذريعي ئي ممڪن آهي جيڪي ايران باقاعدي طور تي مقرر ڪيا آهن. ايراني پاسداران خبردار ڪندي چيو آهي ته آبنائي هرمز مان گذرڻ لاءِ پاسدارانِ انقلاب جي بحريه سان ڪوآرڊينيشن (رابطو) لازمي آهي، هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ جهازن کي ڪارروائيءَ جو سامنا ڪرڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو