ڪراچي(ويب ڊيسڪ)يمن سان لاڳاپيل حوثين خميس ڏينهن دعويٰ ڪئي ته هنن سعودي عرب خلاف سامونڊي ناڪابندي جي مهم جي حصي طور ٻن سعودي تيل بردار جهازن تي حملو ڪيو آهي، جنهن سان عالمي تيل جي فراهمي لاءِ هڪ ٻيو اهم سامونڊي رستو به خطري ۾ پئجي ويو آهي، جڏهن ته ايران اڳ ئي آبنائي هرمز کي لڳ ڀڳ بند ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي فوج اربع ڏينهن چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هدايت تي ايران تي حملن جو نئون سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو لڳاتار ٻارهين رات آهي جو آمريڪا ايران تي حملا ڪري رهيو آهي. حوثي، جيڪي عرب اپٻيٽ جي ٻئي ڇيڙي تي واقع باب المندب لنگهه ڀرسان علائقن تي ڪنٽرول رکن ٿا، سومر ڏينهن اعلان ڪيو هو ته هو سعودي عرب خلاف سامونڊي ناڪابندي لاڳو ڪري رهيا آهن. ڪجهه تجزيه نگارن موجب اهو ايران جي هڪ حڪمت عملي آهي، جنهن جو مقصد جنگي ۽ سفارتي سطح تي وڌيڪ دٻاءُ پيدا ڪري فائدو حاصل ڪرڻ آهي.
وچ اوڀر جي صورتحال تيزي سان ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي رهي آهي. گوتيرش
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيريش خميس ڏينهن خبردار ڪيو آهي ته بين الاقوامي قانون جي خطرناڪ حد تائين ٿيندڙ بي قدري وچ اوڀر ۾ بحرانن کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهي آهي. هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته تڪرارن جو تعداد، پيچيدگي، مدو ۽ دائرو مسلسل وڌي رهيو آهي، جڏهن ته “بي سزا رهڻ جو رجحان” پڻ پکڙجي رهيو آهي. هن چيو، “صورتحال تيزيءَ سان ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري رهي آهي. اها اهڙي حد تائين پهچي رهي آهي، جنهن جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.” گوتيريش مطالبو ڪيو ته آبنائي هرمز ۽ باب المندب جي آسپاس سامونڊي نيويگيشن جا حق مڪمل طور بحال ڪيا وڃن. هن زور ڀريندي چيو ته “سفارتي ڳالهين کان سواءِ اڳتي وڌڻ جو ٻيو ڪو به رستو ناهي.” غزه بابت ڳالهائيندي هن چيو ته جنگبندي باوجود عام شهري اڃا تائين وڏي قيمت ادا ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته “اسرائيل جي غزه تي ڪنٽرول وڌائڻ سان گڏ قتل ۽ خونريزي جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته اتي جون حالتون اڃا تائين ناقابل برداشت آهن.” والاريل اولهه ڪناري (ويسٽ بئنڪ) بابت هن خبردار ڪيو ته اتي “بتدريج علائقن کي ضم ڪرڻ (ڪريپنگ اينيڪسيشن)، تشدد ۽ وڏي پيماني تي ماڻهن جي بي دخلي” جاري آهي. هن وڌيڪ چيو، “سڄو علائقو آهستي آهستي هڪ اهڙي ٽڪراءَ جي دائري ۾ ڦاسي رهيو آهي، جيڪو مسلسل وڌيڪ وسيع ٿيندو پيو وڃي.”
ايٽمي ڊيل، سعودي کي يورينيم رچائڻ جي اجازت نه هوندي ۽ ابراهيمي معاهدا مڃڻا پوندا، ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب سان ايٽمي معاهدي جي باضابطه منظوري ڏيڻ کان صرف هڪ ڏينهن پوءِ ان تي هڪ نئون شرط لاڳو ڪندي چيو آهي ته سعودي عرب کي هاڻي ابراهيمي معاهدن ۾ شامل ٿيڻ لازمي هوندو. ٽرمپ خميس ڏينهن سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته دستخط ٿيل معاهدو “منظور ڪيو ويندو”، پر هن وڌيڪ چيو ته اهو “مڪمل طور ان ڳالهه سان مشروط آهي ته سعودي عرب انتهائي معزز ۽ ڪامياب ابراهيمي معاهدن ۾ شامل ٿئي.” اربع ڏينهن آمريڪي توانائي واري وزير ڪرس رائيٽ ۽ سندس سعودي هم منصب وچ ۾ ان معاهدي تي صحيحون ٿيون، جنهن تحت سعودي عرب کي سول مقصدن لاءِ ايٽمي توانائي جو پروگرام قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. هن معاهدي تي اڳ ئي اسرائيلي عملدارن تنقيد ڪئي آهي، جڏهن ته اميد آهي ته آمريڪي ڪانگريس ۾ به ان تي سخت جاچ پڙتال ٿيندي. سي اين اين اڳ ۾ رپورٽ ڏني هئي ته ٽرمپ انتظاميا ايران سان جنگ ۽ ڪانگريس جي ممڪنه مخالفت بابت خدشن سبب ڪيترن ئي مهينن تائين هن معاهدي کي اڳتي وڌائڻ کان پاسو ڪندي رهي. ٽرمپ پنهنجي پوسٽ ۾ زور ڏيندي چيو ته هن معاهدي تحت “يورينيم جي افزائش نه ڪئي ويندي.” سعودي عرب ماضي ۾ ابراهيم معاهدن ۾ شامل ٿيڻ بابت مزاحمت ڪندو رهيو آهي. اهي معاهدا ٽرمپ جي پهرين صدارتي دور ۾ شروع ڪيا ويا هئا ۽ سندس ٻئي دور ۾ انهن کي وڌيڪ وسعت ڏني وئي، جنهن جو مقصد اسرائيل ۽ وچ اوڀر جي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ هو. هن وقت اهو واضح ناهي ته ٽرمپ جي سوشل ميڊيا تي ڪيل هن نئين بيان جو اڳ ئي دستخط ٿيل معاهدي تي ڪهڙو اثر پوندو. سي اين اين وڌيڪ تبصري لاءِ سعودي سفارتخاني سان رابطو ڪيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ وضاحت حاصل ڪرڻ لاءِ وائيٽ هائوس کان به معلومات گهري آهي.
حوثين هاڻي جهازن تي حملو ڪيو ته ايران کي سخت سزا ملندي، ٽرمپ
صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن مستقبل ۾ ايران جي حمايت يافته حوثي آبنائي هرمز ۾ ٻيهر جهازن تي حملو ڪندا ته آمريڪا ان جو ذميوار ايران کي قرار ڏيندو ۽ ايران کي “سخت فوجي سزا” ڏني ويندي. ٽرمپ جو اهو بيان ان کانپوءِ سامهون آيو آهي، جڏهن يمن جي ايران جي حمايت يافته حوثين ڳاڙهي سمنڊ ۾ ٻن سعودي تيل بردار جهازن تي حملن جي ذميواري قبول ڪئي. انهن ڪجهه ڏينهن اڳ سعودي جهازن خلاف سامونڊي ناڪابندي جو اعلان پڻ ڪيو هو. ٽرمپ پنهنجي ٽرٿ سوشل (Truth Social) پوسٽ ۾ لکيو: “جيڪڏهن حوثين ٻيهر اهڙو عمل ڪيو ته آمريڪا ايران کي ذميوار سمجهندو، ڇاڪاڻ ته حوثي ايران جا نمائندا ۽ پراڪسي آهن. ان صورت ۾ ايران تي سخت فوجي ڪارروائي ڪئي ويندي، ۽ يقيناً خود حوثين کي به ان جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا. مان حوثين کان ان ڪري به مايوس آهيان، ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين هو تمام پيشيور ۽ هوشياري سان عمل ڪندا رهيا آهن.” انهن حملن جي خبرن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جون قيمتون وڌي 98 آمريڪي ڊالر في بيرل کان به مٿي پهچي ويون.
عالمي منڊي ۾ تيل مهانگو، ٻن سعودي جهازن تي حملن جي دعويٰ
ڳاڙهي سمنڊ ۾ جهازراني بابت نون خطرن کان اڳ ئي ايران جي هرمز لنگهه تي لڳ ڀڳ مڪمل ناڪابندي سبب دنيا ۾ مهانگائي وڌي وئي هئي. تيل جون قيمتون مٿي چڙهي ويون، آمريڪا ۾ پيٽرول مهانگو ٿي ويو ۽ صارفين تي مالي بار وڌي ويو، جڏهن ته غير مقبول جنگ سبب نومبر ۾ ٿيندڙ ڪانگريس جي چونڊن کان اڳ ٽرمپ جي ريپبلڪن اتحادين تي به سياسي دٻاءُ وڌي ويو آهي. اڱاري ڏينهن سعودي چين ۽ ڀارت ويندڙ ٽي تيل بردار جهاز پنهنجو رخ موڙي واپس هليا ويا، جڏهن ته اربع ڏينهن پنج ٻيا ٽينڪر به هرمز کان به سوڙهي لنگهه باب المندب کان بچڻ لاءِ ڳاڙهي سمنڊ ۾ پنهنجو رستو تبديل ڪري ويا. حوثين چيو ته سندن فوجن ڳاڙهي سمنڊ ۾ ٻن سعودي تيل بردار جهازن تي ميزائلن ۽ ڊرونن سان حملو ڪيو، جن جي سڃاڻپ اينسيليا (Encelia) ۽ ليلا (Layla) طور ڪئي وئي آهي. سعودي سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري SPA هڪ سرڪاري ذريعي جي حوالي سان ٻڌايو ته اينسيليا جهاز تي حملو ٿيو، جنهن سبب جهاز جي اڳئين حصي ۾ باهه لڳي وئي، جڏهن ته ليلا تي حملي جي آزاد ذريعن کان اڃا تائين تصديق نه ٿي سگهي آهي. سامونڊي سلامتي سان لاڳاپيل هڪ ذريعي ٻڌايو ته اينسيليا جهاز اربع رات دير سان ڳاڙهي سمنڊ ۾ سعودي بندرگاهه جيزان جي ويجهو ميزائل لڳڻ بعد امدادي سڏ (Distress Call) موڪليو. سعودي عرب جا لکين بيرل تيل روزانو آبنائي هرمز کان بچڻ لاءِ پنهنجي ڳاڙهي سمنڊ واري بندرگاهه ينبع ڏانهن موڪليا پيا وڃن. جيڪڏهن اهي جهاز باب المندب آبنائي مان نه لنگهي سگهندا ته پوءِ انهن وٽ رڳو سوئيز ڪينال وارو اتر وارو رستو رهجي ويندو، جنهن سان سفر ۾ ڪيترائي هفتا وڌيڪ لڳندا ۽ خرچ به گهڻو وڌي ويندو. حوثين پاران سعودي عرب خلاف سامونڊي ناڪابندي لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي جنگ کي وڌيڪ وسيع ڪري سگهي ٿي ۽ آمريڪي فوج تي اضافي دٻاءُ وجهي سگهي ٿي، اهڙو خيال موجوده ۽ اڳوڻن آمريڪي عملدارن ظاهر ڪيو آهي. چين جا ٻه تمام وڏا خام تيل کڻندڙ جهاز، جيڪي گڏيل طور تي سعودي عرب جا لڳ ڀڳ 40 لک بيرل تيل کڻي رهيا هئا، خميس ڏينهن باب المندب آبنائي ڏانهن وڌي رهيا هئا، جنهن جي تصديق جهازراني جي انگن اکرن مان ٿي آهي.
آمريڪي حملا بند نه ٿيا ته “نئين حڪمت عملين” تي عمل ڪبو، ايران
ايران جي فوج جي ترجمان بريگيڊيئر جنرل امير محمد اڪرامينيا چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران جي ڏاکڻن علائقن جي بنيادي ڍانچي تي حملا جاري رکيا ته ملڪ جون سلامتي واريون فورسون “نئين حڪمت عملين ۽ نون منظرنامن” تي عمل ڪندي، جيئن حملو ڪندڙن لاءِ جنگ جاري رکڻ ناممڪن بڻجي وڃي. الجزيره موجب، هن ايران جي دفاعي پريس نيوز ايجنسي سان ڳالهائيندي چيو: “آمريڪي ڌر پاران مفاهمتي يادداشت جي ڀڃڪڙي کانپوءِ هاڻي اسان جنگ جي هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهيون.” اڪرامينيا چيو ته ايران جون هٿياربند فوجون آمريڪي جارحيت جي جواب ۾ جوابي ڪارروايون ڪري رهيون آهن، ۽ اهي ڪارروايون ان وقت تائين جاري رهنديون، جيستائين آمريڪا ايران جي بنيادي ڍانچي ۽ سامونڊي ساحلي علائقن تي حملا بند نٿو ڪري. هن وڌيڪ چيو: “اسان جنگبندي واري موقعي مان مڪمل فائدو وٺندي پنهنجي حالتن ۽ جنگي صلاحيتن کي وڌيڪ بهتر بڻايو آهي، ۽ اڄ اسان اڳ کان وڌيڪ تيار آهيون.”
ايران جون اردن ۾ آمريڪي بيٽري ۽ راڊار تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ايران جي اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (IRGC) دعويٰ ڪئي آهي ته هن اردن ۾ موجود آمريڪي فوجي اثاثن تي حملا ڪيا آهن. الجزيره موجب، آءِ آر جي سي چيو ته هن: آمريڪي THAAD ميزائل دفاعي نظام جي ريڊار کي تيز حملن ذريعي تباهه ڪيو. پيٽرياٽ ميزائل دفاعي نظام ۽ سي-رام (C-RAM) ريڊار کي به نشانو بڻائي تباهه ڪيو. آمريڪي فوجي اڏي جي ايندھن جا ٽينڪ باهه ڏئي ساڙي ڇڏيا. وڏي هيليڪاپٽر سامان جي گودام ۽ هيليڪاپٽرن جي مرمت ۽ سار سنڀال واري شيڊ کي به باهه ڏئي تباهه ڪيو. آءِ آر جي سي اردن جي عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته سندس ڪارروايون اردن جي خودمختياري جي خلاف ناهن، پر آمريڪي فوج جي موجودگي ئي اردن جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي آهي، تنهنڪري آمريڪي فوج کي نشانو بڻائڻ قانوني ۽ ضروري قدم آهي. هن دعويٰ تي اردن طرفان فوري طور ڪو به ردعمل سامهون نه آيو.
ايران جي ڪويت ۾ آمريڪا کي وڏو نقصان پهچائڻ جي دعويٰ
ايران جي اسلامي انقلابي گارڊ ڪور دعويٰ ڪئي آهي ته هن ڪويت ۾ موجود آمريڪي فوجي اثاثن تي به حملا ڪيا آهن ۽ چيو آهي ته اهي حملا آمريڪا خلاف جوابي ڪارروائي آهن، نه ڪي ڪويتي عوام خلاف. الجزيره موجب، آءِ آر جي سي چيو ته هن علي السالم هوائي اڏي تي: فوجي سامان جو وڏو گودام، پيٽرياٽ ميزائل دفاعي نظام، ۽ آمريڪي MQ-9 ڊرونز جي هينگر کي نشانو بڻائي تباهه ڪيو. تنظيم وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته هن العديري فوجي بيرڪن ۾ آمريڪي فوجين جي رهائشگاهن ۽ ٻن هيليڪاپٽر هينگرن تي به حملا ڪيا، جن ۾ جاني نقصان ٿيو ۽ هيليڪاپٽرن ۽ ڊرونن کي وڏو نقصان پهتو. آءِ آر جي سي اهو به چيو ته هن ايران ۾ ٽيليڪميونيڪيشن ٽاورن تي آمريڪي حملن جي جواب ۾ هڪ ٽيليڪميونيڪيشن ٽاور کي به نشانو بڻايو. ڪويت جي عوام کي مخاطب ٿيندي آءِ آر جي سي چيو ته: “توهان جي زميني سالميت ۽ خودمختياري جي ڀڃڪڙي ايران نه، پر آمريڪا ڪئي آهي.” تنظيم موجب سندن حملا صرف انهن علائقن تي آهن، جتي آمريڪي فوج موجود آهي ۽ جيڪي عملي طور ڪويت جي سرحدي فورسن جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهن، جتي آمريڪي فوج پنهنجي مرضي سان ماڻهن کي آڻي ۽ وٺي وڃي ٿي. هن بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو: “تنهنڪري توهان جي زميني سالميت ۽ خودمختياري جي ڀڃڪڙي آمريڪا ڪئي آهي، اسان نه. اسان انهن علائقن تي حملو ڪري رهيا آهيون، جيڪي آمريڪي فوج جي قبضي هيٺ آهن، ۽ اها فوج ڏوهن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿي ڄاڻي.”
هرمز ۾حملي کان بچي ويل ٿائي ملاحن جو جهاز مالڪن خلاف ڪيس
الجزيره موجب، ٿائيلينڊ جي مال بردار جهاز ميوري ناري (Mayuree Naree) تي ٿيل حملي کان بچي ويل ٽن ملاحن جهاز جي مالڪن خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي. هنن الزام لڳايو آهي ته حملي کان اڳ ايران طرفان جاري ڪيل خبردارين کي نظرانداز ڪيو ويو. 11 مارچ تي ٿيل ان حملي ۾ جهاز جا ٽي عملي جا ميمبر مارجي ويا هئا. حملي کان بچي ويل ملاحن مان هڪ پنيٿي تمڪائو (Panithi Tumkaew) چيو: “جڏهن مون ڌماڪي جو آواز ٻڌو ته مون سمجهيو ته هاڻي سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. مون کي فوري طور احساس ٿيو ته ڪو تمام وڏو حادثو پيش آيو آهي. اهو عام ڌماڪو نه هو، ايترو زوردار هو جو مان مڪمل طور حيران ٿي ويس.” هن چيو ته هاڻي هو ٻيهر سمنڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهي، جنهن سبب کيس پنهنجي نوڪري ڇڏڻي پئي، جڏهن ته کيس رڳو پنج هزار آمريڪي ڊالر بقايا پگهار طور مليا.
آمريڪي ادارن جي ايراني سائبر حملن بابت خبرداري
آمريڪي حڪومت جي ادارن، جن ۾ سائبر سيڪيورٽي اينڊ انفراسٽرڪچر سيڪيورٽي ايجنسي (CISA) ۽ ايف بي آءِ (FBI) شامل آهن، هڪ گڏيل خبرداري جاري ڪندي چيو آهي ته ايران سان لاڳاپيل سائبر گروهه انٽرنيٽ سان ڳنڍيل ڊوائيسز کي مسلسل نشانو بڻائي رهيا آهن. ايف بي آءِ جي سائبر ڊويزن جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر بريٽ ليٿرمين چيو: “ايراني سائبر ڪارڪن آمريڪا جي اهم بنيادي ڍانچي کي مسلسل نشانو بڻائي رهيا آهن، ۽ ايف بي آءِ انهن ذميوارن جي سڃاڻپ، سندن سرگرمين ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ کين قيمت چڪائڻ لاءِ پرعزم آهي.” هن وڌيڪ چيو ته هي خبرداري نيٽ ورڪ جي حفاظت ڪندڙن کي ضروري ڄاڻ فراهم ڪري ٿي ته جيئن هو نقصانڪار سرگرمين جي سڃاڻپ ڪري سگهن، پنهنجو دفاع مضبوط بڻائي سگهن ۽ ايراني سائبر حملن جا موقعا گهٽائي سگهن.
آمريڪي شهري دنيا ڀر ۾ سفر دوران وڌيڪ احتياط ڪن
آمريڪي پرڏيهي وزارت هڪ نئين سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪندي آمريڪي شهرين کي دنيا جي هر حصي ۾ وڌيڪ احتياط ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. بيان موجب وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب سيڪيورٽي صورتحال انتهائي پيچيده ٿي وئي آهي ۽ ڪنهن به وقت غير متوقع ڇڪتاڻ پيدا ٿي سگهي ٿي. وزارت چيو ته: وچ اوڀر کان ٻاهر به آمريڪي سفارتي آفيسن کي نشانو بڻائي سگهن ٿا. ايران ۽ ان جا حمايتي گروهه دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آمريڪي مفادن، ڪاروبارن، ادارن ۽ آمريڪي شهرين کي نشانو بڻائي سگهن ٿا. بيان ۾ وچ اوڀر ۾ موجود آمريڪين کي امڪاني فضائي سفر جي رڪاوٽن ۽ ٻين سفري مسئلن بابت به خبردار ڪيو ويو، جڏهن ته وچ اوڀر کان ٻاهر رهندڙ آمريڪين کي به علائقي ڏانهن يا علائقي مان سفر ڪرڻ بابت ٻيهر غور ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي.
هرمز جي بندش، ڀاڻ جي قيمت ۾ واڌ، بنگلاديش بابت الرٽ جاري
گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام (WFP) خبردار ڪيو آهي ته هرمز لنگهه جي بندش سبب يوريا ڀاڻ جي وڌندڙ قيمتن جي ڪري بنگلاديش کي ڀاڻ جي شديد بحران جو خطرو درپيش آهي. اداري موجب بنگلاديش پنهنجي لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو يوريا ڀاڻ سعودي عرب، قطر ۽ گڏيل عرب امارات مان درآمد ڪري ٿو، جڏهن ته ملڪ وٽ موجود ذخيرو صرف آڪٽوبر تائين ڪافي آهي. ڊبليو ايف پي موجب: يوريا ڀاڻ جي قيمت لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو وڌي وئي آهي. گئس جي کوٽ سبب بنگلاديش جي پنجن سرڪاري يوريا ڪارخانن مان ٽي بند ٿي چڪا آهن. جاري بحران سبب اندازو آهي ته ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 1.81 ڪروڙ (18.1 ملين) ماڻهو خوراڪ جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي سگهن ٿا.
ٽرمپ جي بنيادي ڍانچي تي حملن جي ڌمڪي، ايران جو سخت جواب
ڳاڙهي سمنڊ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ کان اڳ صدر ڊونلڊ ٽرمپ اربع ڏينهن ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن ايران آبنائي هرمز ۾ ڪنهن به جهاز تي حملو ڪندو ته آمريڪا ان جي جواب ۾ ايران جو ڪو پل يا بجلي گهر تباهه ڪري ڇڏيندو. جواب ۾ ايران جي گڏيل فوجي ڪمان خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ٽرمپ پنهنجي ڌمڪي تي عمل ڪندي ايران جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻايو ته ايران به خطي ۾ موجود تيل، گئس، بجلي ۽ اقتصادي بنيادي ڍانچي تي حملو ڪندو ۽ “هڪ ڦڙو تيل به برآمد ٿيڻ نه ڏيندو.” ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، ڪجهه ڪلاڪن بعد ايران جي انقلابي گارڊن ٻڌايو ته آبنائي هرمز جي ڏکڻ ۾ هڪ بارودي سرنگ واري سامونڊي رستي ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ ٽن تيل بردار جهازن مان هڪ کي باهه لڳي وئي، جڏهن ته ٻيا ٻه جهاز واپس موٽي ويا. انقلابي گارڊن دعويٰ ڪئي ته هرمز سندن مڪمل ڪنٽرول هيٺ آهي ۽ “مڪمل طور بند” آهي. هنن خبردار ڪيو ته ايران سان هم آهنگي کانسواءِ ڪنهن به تيل بردار جهاز کي اندر اچڻ يا ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
بوشهر ۽ عراقي بارڊر لڳ آمريڪي حملا 2 فوت 11 زخمي
ايراني ميڊيا موجب، خميس ڏينهن آمريڪا ٻه ڀيرا بوشهر ۾ فوجي هدفن تي حملو ڪيو، جيڪو ايران جي واحد فعال تجارتي ايٽمي بجلي گهر جي ويجهو واقع آهي. ٻن ڏينهن دوران اهو ٽيون حملو هو. سرڪاري ٽيليويزن ٻڌايو ته عراق سان سرحد ويجهو شلمچه بارڊر ڪراسنگ تي آمريڪي ميزائل حملي ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا ۽ 11 زخمي ٿيا. واشنگٽن جي انهن دعوائن جي باوجود ته ايران جي فوجي صلاحيت ختم ڪئي وئي آهي، تهران جو چوڻ آهي ته سندس ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪرڻ جي صلاحيت اڃا به برقرار آهي. ايران ڪويت، بحرين ۽ اردن ۾ موجود آمريڪي فوجي هدفن سان گڏ ڪويت جي هڪ سامونڊي پاڻي کي مٺو ڪندڙ (ڊي سيلينيشن) پلانٽ تي به حملن جي دعويٰ ڪئي آهي.
ٻنهي ڌرين موجب انساني نقصان وڌي رهيو آهي
ايران جي صحت واري وزارت جي هڪ عملدار موجب، گذريل مهيني جي آخر کان وٺي 53 شهري مارجي چڪا آهن ۽ 592 زخمي ٿيا آهن. ايراني انگن اکرن موجب، 28 فيبروري کان آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ شروع ٿيڻ کان وٺي هزارين ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ لکين ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿيا آهن. ٻئي طرف آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته هو ڪڏهن به عام شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو نٿي بڻائي، ڇاڪاڻ ته اهڙو عمل 1949ع جي جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي ٿي سگهي ٿو. تنهن هوندي به، صدر ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا شهري بنيادي ڍانچي تي حملن جون ڌمڪيون ڏئي چڪو آهي، جيتوڻيڪ سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهڙي هنڌ کي فوجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته ان کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو، بشرطيڪه شهري نقصان حد کان وڌيڪ نه هجي. جنگ دوران 18 آمريڪي فوجي پڻ مارجي چڪا آهن، جڏهن ته 450 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. ٽرمپ اربع ڏينهن ڊيلويئر رياست جي ڊوور ايئر فورس بيس تي انهن چئن آمريڪي فوجين جي جنازي تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جيڪي تازن ڏينهن ۾ ايراني حملن ۾ مارجي ويا هئا. انهن مان ٽي اردن ۽ هڪ عراق ۾ مارجي ويو هو.










