اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته هاڻي پاسپورٽ آفيس ۾ ماڻهن کي عزت ملندي ۽ جلد پاسپورٽ ڏنا ويندا.محسن نقوي اسلام آباد ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ اميگريشن اينڊ پاسپورٽ آفيس جو افتتاح ڪيو.افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي محسن نقوي چيو ته ملڪ جي 14 کان 16 شهرن ۾ نادرا آفيسون 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيون آهن، انهن آفيسن ۾ پاسپورٽ آفيسون به قائم ڪيون وينديون. هن چيو ته انهن سمورن نادرا سينٽرن ۾ شهرين کي 24 ڪلاڪ پاسپورٽ ٺاهڻ جي سهولت ڏني ويندي، ڪراچي ۽ لاهور ۾ به ماڊل پاسپورٽ سينٽر ٺاهيا ويندا.محسن نقوي جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ پاسپورٽ جو بيڪ لاگ مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي، هاڻي شهرين کي مقرر وقت تي پاسپورٽ ملندا، اڳ ۾ 6، 6 مهينن جي پاسپورٽ جو بيڪ لاگ هوندو هو.وفاقي وزير چيو ته پاسپورٽ ۽ نادرا سينٽرز جون حالتون مڪمل طور تبديل ٿي چڪيون آهن، اٿارٽي ٺاهڻ سان ادارن جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، ايف آءِ اي پاسپورٽ آفيسن ٻاهران ايجنٽ مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري رهي آهي.










