ايمسٽرڊم(ويب ڊيسڪ) ايمسٽرڊم ۾ جاري ايف آءِ ايڇ هاڪي ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ ۾ چار ڀيرا عالمي چئمپين رهندڙ پاڪستاني ٽيم کي انگلئنڊ 1-4 تان شڪست ڏئي ڇڏي. ميچ جي چئن ئي ڪوارٽرز ۾ انگلئنڊ جي ٽيم چئمپين وانگر راند پيش ڪئي، جڏهن ته پاڪستان پاران واحد گول افراز پڇاڙيءَ واري ڪوارٽر ۾ ڪيو.










