هاڪر جي گهرواري تي ڏيرن جو تشدد، انصاف جو مطالبو

هاڪر جي گهرواري تي ڏيرن جو تشدد، انصاف جو مطالبو

اوٻاوڙو (ايم بچل گهنڃو)ڳوٺ بخش چاچڙ ۾ اخباري ھاڪر جي گھر واري مائي رشيدان چاچڙ مٿان سندن ڏيرن گهر ۾ گهڙي تشدد ڪيو، جنهن ميڊيا سينٽر پھچي ڏيرن خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته منھنجي ڏيرن مون کي تشدد ڪري سکر واري گھر مان ڪڍي ڇڏيو آھي تنھنڪري ڪيترن ڏينھن کان مان پنھنجي ڳوٺ بخش چاچڙ ۾ پنھنجي ڀاءُ رفيق چاچڙ جي گھر ۾ رھائش اختيار ڪئي آھي منھنجو پٽ شھزاد به مون سان گڏ رھي ٿو اڄ منھنجي ڏيرن اڪبر چاچڙ عباس چاچڙ ڪجھ ماڻهن سان گڏجي گھر اندر گھڙي منھنجي پٽ ۽ مون مٿان حملو ڪري منھنجي مٿي جا وار پٽي ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري سخت تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو هن اپيل ڪندي چيو ته مون کي ۽ سندس پٽن کي ڏيرن مان جان جو خطرو آهي مون کي تحفظ فراهم ڪري منھنجي ڏيرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري مون سان انصاف ڪري منھنجي زندگي بچائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو