لنڊن (ويب ڊيسڪ)هالي ووڊ جو مشهور اداڪار چڪ نورس 86 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. چڪ نورس 1970 ۽ 1980 جي ڏهاڪي ۾ ايڪشن فلمن ذريعي شهرت حاصل ڪئي. هن بروس لي سان فلم “وي آف دي ڊريگن” ۾ ڪم ڪرڻ سان شهرت حاصل ڪئي.1980ع جي ڏهاڪي ۾، سندس فلم “مسنگ ان ايڪشن” تمام گهڻي مشهور ٿي، جيڪا ويٽنام جنگ تي آمريڪي حب الوطني جي تناظر ۾ ٺاهي وئي هئي.ان کان علاوه سندس فلم “ڊيلٽا فورس” ۽ ٽي وي سيريز “واڪر ٽيڪساس رينجر” پڻ تمام گهڻي مشهور ٿيون.










