لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ذريعن جو چوڻ آهي ته هالينڊ جي دوري لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان ايندڙ هفتي ڪيو ويندو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ 3 ون ڊي ميچون آگسٽ ۾ کيڏيون وينديون.روٽرڊيم روانگي کان اڳ لاهور ۾ 6 ڏينهن جي تربيتي ڪيمپ لڳائي ويندي. سمورا رانديگر 5 آگسٽ تي نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر لاهور ۾ رپورٽ ڪندا.تربيتي ڪيمپ لاءِ طلب ڪيل رانديگر 6 آگسٽ کان 11 آگسٽ تائين قذافي اسٽيڊيم لاهور ۽ اين ايڇ پي سي ۾ ٽريننگ ڪندا.قومي اسڪواڊ 11 ۽ 12 آگسٽ جي وچ واري رات لاهور کان هالينڊ لاءِ روانو ٿيندو، جڏهن ته پاڪستان ۽ هالينڊ وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز 16 آگسٽ کان روٽرڊيم ۾ شروع ٿيندي.










