هاري ڪميٽي جي اڳواڻ تي حملو،ڪارڪنن جو احتجاج

هاري ڪميٽي جي اڳواڻ تي حملو،ڪارڪنن جو احتجاج

ٽنڊو محمد خان (ن س)ٽنڊو محمد خان جي لاکاٽ روڊ تي سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ رگو تي هٿياربندن جي ڪيل قاتلانه حملي خلاف مرڪزي اڳواڻ ثمر حيدر جتوئي جي قيادت ۾ احتجاج ، ايس ايس پي آفيس جو گهيراءُ ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو ، خبر موجب ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ رگو تي هٿياربندن لاکاٽ روڊ ڳوٺ گهرام وساڻ جي ويجهو قاتلانه حملو ڪري کيس مرڻينگ ڪري ڇڏيو ، جنهن کي نازڪ حالت ۾ سرڪاري اسپتال داخل ڪيو ويو ، جنهن جي باوجود تعلقي ٿاڻي جي ايس ايڇ او فرياد وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ، سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن تعلقي ٿاڻي جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري حملي آور هٿياربندن ۽ پوليس خلاف احتجاج ڪيو ، انهي موقعي تي ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي ، ايڊووڪيٽ احمد نواز ۽ ٻين چيو ته سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ رگو تي بااثر هٿياربندن پاران حملو ڪري مرڻينگ ڪيو ويو آهي ان باوجود به تعلقا ٿاڻي جي پوليس بااثر وڏيري جي ونگار وهندي ڪيس داخل نه ڪري رهي آهي ، جيڪا سراسر ناانصافي آهي ، هنن چيو ته ڪامريڊ رگو هاري هلچل لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي ، جنهن لاءِ آئي جي سنڌ ، ڊي آئي جي حيدرآباد ، ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کي فوري طور نوٽيس وٺي حملي آورن کي گرفتار ڪري انصاف ڪرڻ گهرجي ، ٻي صورت ۾ سنڌ هاري ڪميٽي پاران ايس ايس پي آفيس ٽنڊو محمد خان جو گهيراءُ ڪيو ويندو .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو