اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هاري اتحاد جو ڌرڻو خيابان چوڪ تي گذريل 6هين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو جڏهن ته حڪومت ۽ مظاهرو ڪندڙن وچ ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي تفصيل مطابق ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندڙن مطالبا پورا نه ٿيڻ تي ڊي چوڪ وڃڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. ان ڌمڪي ڏيندي چيو ته مطالبا نه مڃيا ويا ته مظاهرين ريڊ زون ڏانهن مارچ ڪندا. ان ڏس ۾ خيابان چوڪ جي چئني پاسن کان پوليس مقرر ڪئي وئي خيابان چوڪ کان ريڊ زون ڏانهن ويندڙ رستا سيل ڪيا ويا. چيئرمين هاري اتحاد خالد حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اميد آهي ته حڪومت مطالبا مڃي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيندي حڪومت جيڪڏهن بدنيتي ڪئي ته پورو ملڪ بند ڪري ڇڏينداسين منهنجي سڏ تي سڄي ملڪ جا لکين هاري اسلام آباد جو منهن ڪندا.










