هارين جو پنجاب اسيمبلي آڏو احتجاج جو اعلان

هارين جو پنجاب اسيمبلي آڏو احتجاج جو اعلان

لاهور: (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ پنجاب ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ موسمي حالتن جي ڪري 64 لک ايڪڙ زمين تي پوکيل فصل سخت متاثر ٿي وئي آهي.ذريعن موجب 18 اپريل کان جاري برساتن سبب 64 لک ايڪڙ تي فصل پوکي وئي جيڪا برساتن سبب سخت متاثر ٿي آهي.ذريعن موجب 18 اپريل کان کان جاري برساتن جي ڪري 64 لک ايڪڙن تي پوکيل فصل سخت متاثر ٿي آهي، جنهن جي ڪري آبادگارن ۽ هارين کي سخت نقصان پهتو آهي. ٻئي طرف پنجاب حڪومت کي 22 اپريل کان ڪڻڪ جي خريداري شروع ڪرڻي هئي پر ڪڻڪ جي خريداري ۾ دير سبب هاري پنهنجي پوکيل ڪڻڪ کي شهر جي روڊن تي وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هاري تنظيمن 29 اپريل تي پنجاب اسيمبلي جي ٻاهران احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. ان حوالي سان هاري اتحاد جي چيئرمين حسيب انور مطالبو ڪندي چيو ته حڪومت پنهنجي مقرر ڪيل امدادي قيمت تي ڪڻڪ جي خريداري يقيني بنائي. هن چيو ته انهي مطالبي سان گڏ 29 اپريل تي پنجاب اسيمبلي جي ٻاهران ڌرڻو هڻنداسين ۽ مطالبا پورا ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو