هارون يوسف جي گرفتاري جي ضرورت ناهي:نيب

هارون يوسف جي گرفتاري جي ضرورت ناهي:نيب

لاهور(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت وزيراعظم شهباز شريف جي ناٺي هارون يوسف جي گرفتاري کي گهربل نه قرار ڏئي ڇڏيو.لاهور جي احتساب عدالت ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي خاندان خلاف مني لانڊرنگ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران نيب اختيارين بيان ڏيندي چيو ته ترميم جي روشني ۾ هارون يوسف جي گرفتاري نٿا چاهيون.هارون يوسف جي وڪيل امجد پرويز نيب جي جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته کيس صاف صاف ٻڌايو وڃي.نيب جي جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته چيئرمين نيب اڃا تائين گرفتاري جا وارنٽ رد نه ڪيا آهن پر گرفتاري جي به ضرورت ناهي.امجد پرويز چيو ته عدالت کي گذارش آهي ته ان کي بحث لاءِ رکيو وڃي، جنهن تي جج چيو ته نيب اڃا به تلوار لٽڪائي رهي آهي.نيب جي جاچ آفيسر چيو ته اڳ اسان جوابدار هارون يوسف جي ڪردار کي گمنام لکيو هو، ترميمي قانون موجب 17 فيبروري تائين نئين رپورٽ جمع ڪرائڻي آهي.جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو