اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي انتظامي ڪميٽي کي تبديل ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.جسٽس خادم حسين سومرو کي ڪميٽي مان ڪڍيو ويو آهي ۽ جسٽس محمد آصف کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي سربراهي ۾ هڪ نئين 4 رڪني ڪميٽي ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ جسٽس ارباب محمد طاهر، جسٽس اعظم خان ۽ جسٽس محمد آصف شامل آهن.ساڳئي طرح اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي آفيسرن جي سليڪشن بورڊ کي به تبديل ڪيو ويو آهي ۽ جسٽس خادم سومرو کي هٽايو ويو آهي ۽ جسٽس اعظم خان ۽ جسٽس انعام امين منهاس تي مشتمل هڪ نئون بورڊ ٺاهيو ويو آهي.










