هاءِ ويز ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

هاءِ ويز ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

مٺي(لياقت نھڙيو) هاءِ ويز جا ملازم مطلابن جي مڃتا لاءِ روڊن تي نڪري آيا، هاءِ ويز ڊويزن مٺي آفس کان ڪشمير چوڪ تائين جلوس ڪڍي احتاج ڪيو. مرڪزي صدر اياز حسين،عبدالرزاق ابڙينگ، علي محمد لغاري، الطاف سانگي، ھاشم جوڻيجو، اعجاز لاشاري، ميراحمد چانڊيو، دين محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ملازمن سميت سيوا اشوڪ ڪمار،نٿورام،مٺومل،ڪانتيش ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. ملازمن پاران ڪشمير چوڪ تي احتجاج بعد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪري پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ نعريبازي ڪئي. انهي موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته سينيئر ۽ رٽائرڊ ملازمن جي اولاد کي نوڪريون ڏنيون وڃن، پنجاب جي ملازمن جيان سنڌ جي ملازمن کي به يوٽيلٽي الائونس ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم مطابق گروپ انشورنس ڏني وڃي ۽ اپائنٽمينٽ جا اختيار چيف انجنيئر کي ڏنا وڃن ۽ قبضا ڪيل مشينون آزاد ڪري ريڪوري ڪري مشينون هلايون وڃن ۽ هاءِ ويز جي سمورن سب انجنيئرن کي اپگريڊ ڪيو وڃي. هنن چيو ته سندن جائز مطالبا جلد منظور ڪري ملازمن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ۽ سموري سنڌ جا ملازم سي ايم هائوس جي آڏو ڌرڻو هڻنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو