ن ليگ کي الوداع، آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهندس، سردار مهتاب

ن ليگ کي الوداع، آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهندس، سردار مهتاب

راولپنڊي(بيورو رپورٽ) خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي گورنر سردار مهتاب عباسي مسلم ليگ ن سان 40 سالن جي وابستگي ختم ڪري ڇڏي.سردار مهتاب عباسي ڪافي عرصي کان مسلم ليگ ن جي قيادت بابت پريشان هو ۽ هن هلندڙ سال فيبروري ۾ مسلم ليگ ن جي مرڪزي نائب صدر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.سردار مهتاب خان عباسي ايندڙ اليڪشن آزاد حيثيت ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته اڄ ماڻهو چون ٿا ته ڪنهن ٻئي کي کٽڻو آهي.هن چيو ته سڀني کي گڏ ويهڻ گهرجي ۽ انتقام جو ڪم بند ٿيڻ گهرجي، نواز شريف سان اصولي اختلاف آهن، مريم نواز سان ڪي به اختلاف ناهن، سياسي پارٽين ۾ جمهوريت هجڻ گهرجي.اڳوڻي گورنر ڪي پي ڪي جو چوڻ هو ته خيبرپختونخواهه ۾ ن ليگ جو ڍانچو مڪمل تباهه ٿي چڪو آهي، ن ليگ هاڻي رڳو پنجاب تائين محدود ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو