لنڊن(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنجاب جي ضمني چونڊن جي نتيجن کي (ن) ليگ جي سخت فيصلن جو سبب قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب نواز شريف وزيراعظم شهباز شريف ۽ وڏي وزير حمزا شهباز سان رابطو ڪري کين ضمني چونڊن جي نتيجن جي حوالي سان مستقبل جي لائحه عمل لاءِ پارٽي جو هنگامي اجلاس سڏائڻ جي هدايت ڪئي. ذريعن موجب نواز شريف چيو ته ڏکين فيصلن (ن) ليگ کي مهانگو پئجي ويو پر عوام جي راءِ جو احترام ڪريون ٿا.










