ن ليگ پاران پ پ جي اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو

ن ليگ پاران پ پ جي اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ ن پيپلز پارٽي جي اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين سان صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن، ان حوالي سان پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ڳالهيون اڄ اڱاري تي صدر هائوس ۾ ٿينديون.ذريعن موجب پاڪستان مسلم ليگ ن جا اڳواڻ اڄ پيپلز پارٽي جي قيادت سان ملاقات ڪندا.ن ليگ طرفان اسحاق ڊار، اعظم نذير تارڙ، عطا تارڙ، عرفان قادر، احمد چيما ۽ اياز صادق ڳالهين ۾ شرڪت ڪندا.ٻئي طرف پيپلز پارٽي طرفان فاروق ايڇ نائيڪ، شيري رحمان ۽ نيئر بخاري ڳالهين ۾ شرڪت ڪندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري به ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو.ذريعن موجب اٽارني جنرل منصور اعواڻ صدر آصف زرداري ۽ ميمبرن کي ڪيس بابت بريفنگ ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو