نواز ليگ ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌلي جو منصوبو جوڙيوآهي، خان

نواز ليگ ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌلي جو منصوبو جوڙيوآهي، خان

اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان الزام هنيو آهي ته ن ليگ ضمني چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪري کٽڻ جي رٿابندي ڪئي آهي. بني گالا ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته هي حڪمران جيئن ئي عوام وٽ ويندا ته چور ۽ غدار جا نعرا ٻڌندا، کين شڪست ڏينداسين، ن ليگ آئين جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي.عمران خان چيو ته حڪومت مون کي هر صورت ۾ گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هي تحريڪ جاري رهندي، جيلن ۾ وڌو يا ڪجهه به ڪري وٺو هي تحريڪ ختم نه ٿيندي، چيئرمين پي ٽي آءِ چيو ته پرامن احتجاج جمهوريت ۾ هر شهري جو حق آهي، اسان تي سازش تحت چورن جي حڪومت مسلط ڪئي وئي، اسان ان خلاف احتجاج ڪيو، قومي سلامتي ڪائونسل چيو ته مداخلت ٿي آهي، سپريم ڪورٽ کي خط موڪليو ويو آهي. ٻاهران سازشون ڪري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو آهي، ملڪ تي وڏا ڊاڪو مسلط ڪيا ويا آهن.هن چيو ته ڀارت ۾ حضور صه جي حڪومت کي ان معاملي تي سخت موقف اختيار ڪرڻ گهرجي، حڪمرانن کي گهرجي ته ڀارت سان دوستي ۽ ڪاروبار ختم ڪري ۽ توهين واري معاملي تي سنجيدگي اختيار ڪري، ڀارتي شين جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو