لاهور (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي 100 پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن اسٽينڊنگ ڪميٽين کان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ميمبرن حمزه شبهاز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس جو چيئرمين نه بڻائڻ تي احتجاجن پنهنجون استعيفائون اسپيڪر پنجاب اسيمبلي جي چيمبر ۾ جمع ڪرايون ان کان علاوهه ن ليگي اڳواڻن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪرڻ تي به اسيمبلي ميمبر سراپا احتجاج آهن. ليگي ايم پي اي ملڪ نديم ڪامران جو چوڻ هو ته پنهنجون استعيفائون اسٽيينڊنگ ڪميٽين کي جمع ڪرائي ڇڏيون آهن اسٽينڊنگ ڪميٽيون ڪم ئي نه پيون ڪن. ن ليگ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر سميع الله خان جو چوڻ هو ته اڄ ڪارو ڏينهن آهي جو اپوزيشن اسٽينڊنگ ڪميٽين کان استعيفائون ڏنيون آهن اميد آهي ته اسپيڪر پرويز الاهي اسيمبلي کي ڊيڊ لاڪ کان ٻاهر ڪڍندو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته حزب اختلاف جي قائد کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ون جي چيئرمين شپ به نه ٿي ڏني وڃي.










